اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اميد آهي ته اڪبر ايس بابر ڪيس وانگر پي ٽي آءِ کي به ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي اڪائونٽس تائين پهچ ملندي، 5 سالن کان اسڪروٽني ڪميٽي ۾ فنڊنگ ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي پر ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي رڪارڊ پيش ڪرڻ کان پاسو ڪري رهيون آهن، ا??يڪ??ن ڪميشن کي نوٽسز ئي جاري ڪرڻا آهن ته پوءِ مريم، فضل الرحمان سميت سڀني جي تقريرن جو متن گهرائي وٺي، نااهل نواز شريف وانگر ن ليگ ان ڪيس ۾ ڪو جعلي قطري خط پيش ڪري ڇڏي. ا??يڪ??ن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جا 19 اهڙا اڪائونٽس سامهون آيا آهن جنهن جو گوشواران ۾ ذڪر ناهي، نواز شريف ۽ زرداري پنهنجي ملازمن، پاپڙ وارن، فالوده وارن جي اڪائونٽس ۾ اربين روپين جي ٽرانزيڪشن ڪئي، ايئن ئي ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي پارٽي اڪائونٽس کي م??ي لانڊرنگ ۽ پئسن جي ٽرانزيڪشن لاءِ استعمال ڪيو ويو، هن چيو ته ا??يڪ??ن ڪميشن اڪبر ايس بابر کي پي ٽي آءِ جي اڪائونٽس تائين چارٽرڊ اڪائونٽنٽ ۽ فنانشل ايڪسپريٽس جي پهچ جو فيصلو ڏنو هو، ان تي پي ٽي آءِ 40 هزار ڊونرز ۽ 16 واليم جمع ڪرايا، 5 سال گذري ويا، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي اڪائونٽس بابت 16 صحفي به جمع نه ڪري سگهيون، هن چيو ته شڪر آهي ته اڄ مخالف ڌر کي به ا??يڪ??ن ڪميشن جي ياد اچي وئي، اسان کي اميد هئي ته اهي ٻئي پارٽيون فارن فنڊنگ ڪيس ۾ پيش ٿينديون، ٺپا مافيا ڌانڌلي کي جاري رکڻ جي لاءِ اي وي ايم جي مخالفت ڪري رهي آهي، هن چيو ته ا??يڪ??ن ڪميشن جو آئيني اداري طور احترام آهي، ا??يڪ??ن ايڪٽ جي شق 218 موجب صاف ۽ شفاف ا??يڪ??ن به ا??يڪ??ن ڪميشن جي ذميداري آهي، هن چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي اقتدار ۾ رهيون، 3، 3 ??ير?? وارا لڳايا پر شفاف ا??يڪ??ن لاءِ هڪ سڌارو به نه ڪيو، حڪومت چونڊ سڌارا آڻي رهي آهي، مخالف ڌر اي وي ايم کي ڏسڻ کانسواءِ رد ڪيو، هن چيو ته ا??يڪ??ن ڪميشن جي اي وي ايم تي پهريون ٽيڪنيڪي اجلاس 8 سيپٽمبر ۽ ??يو 15 سيپٽمبر تي هو پر ڪجهه اعتراض پهرين اچي ويا، ا??يڪ??ن ڪميشن جن اعتراضن جو ذڪر ڪيو، اهي ته موجوده نظام ۾ به آهن، 27 اعتراض ته صلاحيت بابت آهن، هن چيو ته ا??يڪ??ن ڪميشن جي آفيشل اڪائونٽ تان تڪراري ٽوئيٽ، رات جو دير سان ڊسڪه ا??يڪ??ن جو نوٽس، سينيٽ چونڊن کان اڳ گيلاني وڊيو تي درخواست جي باوجود ڪارروائي نه ڪرڻ ۽ اي سي پي جُون پريس رليزُون به جاري ٿين ٿيون، هن چيو ته مخالف ڌر اڄ تائين چونڊ سڌارن تي سواءِ روئڻ پٽڻ کان ڪجهه ناهي ڪيو. هن چيو ته ا??يڪ??ن ايڪٽ جي شق 94 ۾ پرڏيهي پاڪستانين کي ووٽ جو حق آهي، ان لاءِ ا??يڪ?? ڪميشن ڪهڙا قدم کنيا، هن چيو ته پي ايم ڊي اي ڪنهن جي ذات لاءِ نه پر ميڊيا ڊولپمينٽ لاءِ آهي، مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن ۾ فرق آهي، مس انفارميشن جي ترديد يا وضاحت ممڪن آهي، ڊس انفارميشن ملڪي سالميت کي نقصان پهچائيندي آهي.