اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ نئين صورتحال کي نئين تناظر سان ??سندي ۽ هڪ حقيقت پسنداڻي ۽ زميني حقيقتن مطابق سوچ اختيار ڪندي اڳيان وڌڻ گهرجي، اسان ??ي افغان عوام سان مڪمل يڪجهتي ۽ انهن جي حمايت ڪرڻ گهرجي. افغانستان جو استحڪام پاڙيسري ملڪن جي سڌي ريت مفاد ۾ آهي، عالمي برادري ان اهم ۽ نازڪ مرحلي تي پنهنجا رابطا برقرار رکي، سفارتي ۽ عالمي موجودگيءَ جي تجديد سان افغان عوام کي هڪ نئون يقين ۽ اعتماد ملندو. اهڙو اظهار هن افغانستان جي صورتحال تي پرڏيهي وزارت ۾ علائقائي پرڏيهي وزيرن جي ورچوئل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس جي ميزباني پاڪستان ??ئي. جڏهن ته ورچوئل ڪانفرنس ۾ چين، ازبڪستان، ترڪمانستان، تاجڪستان ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته گذريل ڪجهه هفتن ۾ ٿيل واقعن اسان جي خطي کي عالمي ڌيان جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آهي، غير متوقع ۽ اوچتو ٿيل انهن واقعن سان اهميت جوڳي ڳالهه اها آهي ته ڏهاڪن کان جاري خونريزي ناهي ورجائي وئي. ڊگهو تڪرار ۽ گهرو ويڙهه جو امڪان في الحال ٽري ويو آهي، پر ان باوجود صورتحال پيچيده ۽ غير مستحڪم آهي. هڪ ڳالهه يقيني آهي ته اسان سڀ افغانستان ۾ تبديل شده حقيقت کي ڏسڻ ۾ مصروف آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته طالبان عبوري حڪومت جو اعلان ??ري ڇڏيو آهي، اسان ان اڳڀرائيءَ کي ڏسي رهيا آهيون، اسان ??ي اميد آهي ته سياسي صورتحال جلد کان جلد مستحڪم ٿيندي ۽ حالتون بهتريءَ طرف وينديون. هن چيو ته اسان جي ڪوششن جو بنيادي محور افغان عوام جي ڀلائي ۽ بهتري هئڻ گهرجي جيڪا قوم 40 سالن کان وڌيڪ عرصي کان تڪرار هيٺ آهي ۽ عدم استحڪام سبب بي پناهه ڏُکيائين کي مُنهن ڏنو آهي. افغانستان ۾ ٿيل واقعا سمورن ڇهن پاڙيسري ملڪن لاءِ واضح خراب تناظر ۾ آهن، اسان ويجهن رابطن ۽ ڀائيچاري تي ا??فاق ڪيو هو. هن چيو ته هاڻي تائين ٿيل مشاورت سان هيٺان معاملا سامهون آيا آهن جن تي بدلجندڙ صورتحال ۾ گڏيل سوچ برقرار آهي، جهڙوڪ سرحدن ج?? سلامتي جي صورتحال، افغان ??رتيءَ کي دهشتگ??د تنظيمن هٿان استعمال ٿيڻ کان بچائڻ، پناهگيرن جي نئين لهر جي ايندڙ امڪان، منشيات ۽ ڊگهي مُدي وارن ڏوهن جي روڪٿام، انتهاپسند عنصرن کي روڪڻ، ڪورونا وبا بابت ڏُکيائين جا مسئلا، خطي کي ڳنڍڻ ۾ درپيش رڪاوٽون شامل آهن. هن چيو ته اسان به ان ??الهه تي ا??فاق ڪريون ٿا ته افغانستان ۾ امن قائم ٿي وڃي ته ان جا تمام گهڻا فائدا آهن جنهن سان خطي جون سرحدون محفوظ ٿينديون ۽ افغانستان ??رتيءَ تان دهشتگرديءَ جو خطرو ٽري ويندو، افغان پناهگيرن جي وطن واپسيءَ جا امڪان روشن ٿي ويندا، معاشي ا??تحڪام ۽ عوام جي زندگيءَ جي معيار ۾ بهتري ايندي. شاهه محمود قريشي چيو ته پُرامن، مستحڪم، خوشحال خطي لاءِ اسان جي گڏيل سوچ کي اڳيان وڌائڻ لاءِ افغانستان ??ي ان قابل بڻائڻو پوندو ته اهي ان آزمائش جي گهڙيءَ مان نڪرن ۽ پنهنجون ڀرپور صلاحيتون ڪتب آڻين. اسان جي سوچ ۾ ڪيترائي اهم نُڪتا ۽ ترجيحون آهن جيڪي ان رُخ ۾ اسان جي ڪوششن ۾ اسان جي رهنمائي ڪن ٿيون. پهريان ته اسان ??ي افغان عوام سان ??ڏجي مڪمل اعتماد ڪرڻ لاءِ انهن جي حمايت ڪرڻي پوندي. ٻيو اسان ??ي هڪ متحد، خودمختيار ۽ جاگرافيائي سطح ت?? سلامتيءَ واري افغانستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪرڻو پوندو. ٽيون اسان ??ي ان ??الهه تي زور ڀرڻو پوندو ته افغان مسئلي جو افغانين کي ئي مسئلو حل ڪرڻ گهرجي. چوٿون اسان ??ي واضح ڪرڻو آهي ته افغان ??رتيءَ کي ڪنهن به ملڪ خلاف استعمال ڪرڻ جي ا??ازت نه ڏيڻ گهرجي. پنجون اسان ??ي افغان ??گهي مُدي واري اهميت کي سمجهندي قومي مفاهمت جي اهميت تي زور ڀرڻو پوندو. هن چيو ته هاڻوڪي اڳڀرائيءَ جي تناظر ۾ اهم ترجيحيات اهي شامل آهن ته انساني نوعيت جو بحران جنم نه وٺي جنهن سان افغانين جون ڏُکيائون وڌيڪ وڌي وينديون. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري خاص طور تي ان اهم ۽ نازڪ مرحلي تي پنهنجا رابطا برقرار رکي. سفارتي ۽ عالمي موجودگيءَ جي تجديد سان افغان عوام کي هڪ نئون يقين ۽ اُميد ملندي. پرڏيهي وزير تجويز پيش ڪئي ته پاڙيسري ملڪ ان اهم پليٽ فارم کي مستقل ۽ باضابطه مشاورتي نظام ۾ تبديل ڪن ۽ مستقبل ۾ افغانستان ??ي ان ۾ گُهرائڻ لاءِ به سوچي سگهجي ٿو. افغانستان جي ان ۾ شموليت سان فورم جو اثرائتو هجڻ ۽ افغانستان ۾ جٽادار امن ۽ استحڪام جي ا??ان جي گڏيل مقصدن تي اڳڀرائيءَ کي هٿي ملندي. افغانستان جي ا??تحڪام ۾ پاڙيسري ملڪن جو سڌيءَ ريت مفاد آهي، عالمي برادريءَ لاءِ اسان جو گڏيل آواز پُرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جي پيغام کي طاقت ڏيندو.