اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سيالڪوٽ – (سمبڙيال) کاريان موٽروي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. خصوصي تقريب ۾ وزيراعظم منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مواصلات وارو وفاقي وزير مراد سعيد ۽ مواصلات واري وزارت ۽ اين ايڇ اي جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. وزيراعظم سيالڪوٽ – (سمبڙيال) کاريان موٽروي منصوبي جي تختي جي ن??اب ڪشائي ڪئي. 69 ڪلوميٽر تي ٻڌل سيالڪوٽ – ??اريان موٽروي منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ٻن سالن جي مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. سيالڪوٽ – ??اريان موٽروي سمبڙيال انٽرچينج کان شروع ٿئي ٿي ۽ سيالڪوٽ ۽ گجرات جي ضلعن ۽ جلالپور جٽان، گجرات، لالا موسيٰ، دولت نگر شهرن جي ويجهو کان گذري ٿي جنڊ شريف وٽ ختم ٿئي ٿي. ان موٽروي جي پڄاڻي کاريان جي ڏکڻ اوڀر ۾ اٽڪل 11 ڪلوميٽر 7 قومي شاهراهه (اين 5) کان اٽڪل 9 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ٿئي ٿي. 4 لين جي ان موٽروي تي 5 انٽرچينجز، هڪ سروس ايريا ۽ 2 ٽول پلازا تعمير ڪيا ويندا. ان منصوبي جي پي سي ون جي لاڳت 32.103 ارب رپيا آهي ۽ ان کي 2 سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. سيالڪوٽ (سمبڙيال) کاريان موٽروي جي تعمير ۽ مڪمل ٿ??ڻ سان علائقي جي عوام کي جتي سموريون بنيادي سفري سهولتون ملنديون اتي انهن کي روزگار جا موقعا پڻ ملندا ۽ اهي خوشحال ٿ?? ملڪي ترقي تي وڌي چڙهي حصو وٺڻ جي قابل ٿ?? سگهندا. سيالڪوٽ راندين جي مصنوعات جي تياري جي حوالي سان پوري دنيا ?? شهرت رکندڙ شهر آهي. ڄاڻايل موٽروي جي تعمير سان انهن مصنوعات جي اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ چرپر ۾ مدد ملندي جنهن سان ملڪ جي ترقي ۾ هڪ ٻئي سنگ ميل جو اضافو ٿيندو.