اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ??ور??نا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فو??گيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ??ور??نا وائرس سبب 67 فو??گيون ٿيون جنهن مان 33 فو??گيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 2 هزار 482 ماڻهن جا ??ور??نا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز ??ي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 69 سيڪڙو، لاهور ۾ 39 سيڪڙو، پشاور ۾ 36 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 28 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ??ور??نا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 37 سيڪڙو، صوابي ۾ 37 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 40 سيڪڙو، ملتان ۾ 53 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 51 هزار 625 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 14 هزار 529، پنجاب ۾ 20 هزار 903، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 110، اسلام آباد ۾ 5 هزار 273، بلوچستان ۾ هڪ هزار 450، گلگت بلتستان ۾ 490، آزاد ڪش??ير ۾ 870 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 34 هزار 586 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪش??ير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز ??ي ڪوويڊ 19 جا 490 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 58 هزار 611 آهي. سڄي ملڪ ۾ ??ور??نا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 13 هزار 784 آهي جن مان آزاد ڪش??ير ۾ 19 هزار 60، بلوچستان ۾ 24 هزار 908، گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 545، اسلام آباد ۾ 80 هزار 927، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 31 هزار 411، پنجاب ۾ 3 لک 37 هزار 775 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 14 هزار 158 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فو?? ٿيندڙن جو انگ 20 هزار 607 آهي.