لاهور – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومتي قدمن سا?? پاڪستان ۾ زرعي انقلاب ايندو، سياحت جي شعبي ۾ اسان پنهنجي درآمدات کان وڌيڪ پرڏيهي ناڻو حاصل ڪري سگهون ٿا، تعميرات جي شعبي سا?? 30 صنعتون واڳيل آهن، ان شعبي تي ڌيان ڏئي بيروزگاري ۾ گهٽتائي ۽ ملڪي دولت ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، گهٽ لاڳت هائوسنگ منصوبو شروعات آهي ان سا?? ڪچي آبادين جو ڦهلاءُ گهٽ ٿيندو، ڪچي آبادين کي ترڪ ماڊل تحت تبديل ڪرڻ جو منصوبو آڻي رهيا آهيون، قوم کي تاڪيد آهي ته اها ??اسڪ پائي، رڳو ماسڪ سا?? ئي ڪورونا تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. هو رائيونڊ ۾ پنجاب پي??ي اربن گهٽ لاڳت هائوسنگ اسڪيم منصوبو شروع ڪرڻ جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو.