اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن س??نٽ?? پاران جاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 519 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 64 ماڻهو فوت ٿي?? جنهن مان 61 ماڻهو اسپتالن جڏهن ته 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿي??. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 21 سيڪڙو، لاهور ۾ 35 سيڪڙو، پشاور 16 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 35 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 39 سيڪڙو، اسلام آباد 26 ۾ سيڪڙو، گجرات ۾ 94 سيڪڙو ۽ لاهور ۾ 25 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 40 هزار 473 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 9 هزار 52، پنجاب ۾ 16 هزار 875، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 857، اسلام آباد ۾ 5 هزار 766، بلوچستان ۾ 771، گلگت بلتستان ۾ 392، آزاد ڪشمير ۾ 760 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ?? ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 55 هزار 242 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ?? ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 211 مريض آهن. سڄي ملڪ ?? ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 17 هزار 117 آهي. سڄي ملڪ ?? ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 85 هزار 435 آهي.