اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کان پوءِ سن?? ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 62 فوتگيون ٿيون جنهن مان 40 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا هڪ ه??ار 72 ماڻهن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 62 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 54 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 8 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 37 سيڪڙو، لاهور ۾ 33 سيڪڙو، پشاور 24 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 26 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 42 سيڪڙو، ملتان ۾ 32 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 21 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 23 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 31 ه??ار 713 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سن?? ۾ 9 ه??ار 599، پنجاب ۾ 11 ه??ار 273، خيبرپختونخواهه ۾ 5 ه??ار 10، اسلام آباد ۾ 4 ه??ار 428، بلوچستان ۾ 611، گلگت بلتستان ۾ 361، آزاد ڪشمير ۾ 431 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 14 ه??ار 951 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آ??ي، ج??هن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 256 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 30 ه??ار 512 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 57 ه??ار 591 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 9 ه??ار 291، بلوچستان ۾ 18 ه??ار 891، گلگت بلتستان ۾ 4 ه??ار 920، اسلام آباد ۾ 42 ه??ار 188، خيبرپختونخواهه ۾ 68 ه??ار 786، پنجاب ۾ 1 لک 61 ه??ار 757 ۽ سن?? ۾ 2 لک 51 ه??ار 758 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 12 ه??ار 128 آهي جن مان سن?? ۾ 4 ه??ار 157 فوتگيون، ج??هن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 22 مريض اسپتالن ۽ 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 4 ه??ار 948 فوتگيون ج??هن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 25 مريض اسپتالن ۾ ج??هن ته 4 مريض گهرن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، خيبرپختونخواهه ۾ 1 ه??ار 970 فوتگيون ج??هن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، اسلام آباد ۾ ڪل 481 فوتگيون ج??هن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. بلوچستان ۾ 197 فوتگيون، ج??هن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. گلگت بلتستان ۾ 102 فوتگيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 273 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا 82 لک 88 ه??ار 91 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 631 اسپتالن ۾ 2 ه??ار 168 مريض علاج هيٺ آهن.