ا??لا?? آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب ۾سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون، ان کانپوءِ وڌيڪ فوتگيون سنڌ ۾ ٿيون، سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 80 فوتگيون ٿيون جنهن مان 44 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ ا??نڊ آپريشن سينٽر طرفان ??اري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 2615 نوان مثبت ڪيس سامهون آيا آهن ۽ 80 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن ما?? 68 ??اڻهو اسپتالن ۾ جڏهن ته 12 ماڻهو گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 46 سيڪڙو، ا??لا?? آباد ۾ 44 سيڪڙو، لاهور ۾ 33 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 26 سيڪڙو مريض آهن، اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولتن وارن بسترن تي راولپنڊي ۾ 40 سيڪڙو، ملتان ۾ 38 سيڪڙو، پشاور ۾ 58 سيڪڙو ۽ ايبٽ آباد ۾ 41 سيڪڙو مريض آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 37 هزار 206 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان ??نڌ ۾ 10 هزار 372، پنجاب ۾ 14 هزار 622، خيبرپختونخوا ۾ 5 هزار 488، ا??لا?? آباد ۾ 5 هزار 403، بلوچستان ۾ 428، گلگت بلتستان ۾ 412، آزاد ڪشمير ۾ 481 ٽيسٽ شامل آهن، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان ??حتياب ٿيندڙن جو تعداد 4 لک 7 هزار 405 ٿي چڪو آهي.