اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??وج خلاف ڳالهائڻ تي نواز شريف کي هر صورت ۾ واپس آڻڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ان گدڙ کي هاڻي ڪا وي آءِ پي جيل نه ملندي کيس عام قيدين وانگر رکيو ويندو، گوجرانوالا ۾ سرڪس جي اداڪارن کي واضح چوان ??و ته هاڻي انهن کي نه ڇڏيندس. ڪنوينشن سينٽر ۾ ٽائيگر فورس پورٽل جي افتتاح جي موقعي تي ملڪ جي مختلف علائقن مان آيل ٽائيگرز کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪنهن به رضاڪار فو??س جو معاشري ۾ هڪ تمام وڏو مقام هوندو آهي، رضاڪارن جو سڀ کان ??ڏو ڪم شهرين جي ضرورتن ۽ حق?? جي حفاظت ڪرڻ هوندو آهي ۽ جمهوريت ۾ ان کي هڪ منفرد مقام حاصل آهي، جڏهن ڪنهن معاشري ۾ مشڪلاتون اچن ٿيون ته زندهه معاشري جا شهري رضاڪاراڻي طور تي حڪومت جي مدد ڪن ٿا، پاڪستاني قوم تي به جڏهن ڪو مشڪل وقت آيو پوري قوم پنهنجي ملڪ جي لاءِ بيٺل رهي، 28 مارچ کان ??ائيگر فو??س جي قائم ٿيڻ کان ??يستائين جيتريون به سرگرميون ان ??ورس ڪيون انهن تي پوري قوم پاران ٿورا مڃان ??و ۽ ڀليڪار چوان ??و.