اسلام ??باد – 30 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هي مائنس ون جي ڳالهه ان لاءِ ڪن ٿا ته هي چاهين ٿا ته عمران خان کي ڪڍي انهن جي ڪرپشن بچي ويندي، آئون مائنس ٿي به ويس ته هي نه بچندا، ڪرسيءَ اچڻ وڃڻ واري ش??ءَ آهي، ڪڏهن ناهي چيو ته لازمي آهيان پر جيستائين پنهنجي نظريي ۽ اصولن تي اسان بيٺل رهنداسين ڪير اس??ن جو ڪجهه نه ٿو بگاڙي سگهي، ملڪ جي تشخص کي جيترو نقصان پاڪست??ن جي ليڊرشپ پهچايو آهي، دشمن به نه ٿو پهچائي سگهي، ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج حملي بابت اسان کي ڪو شڪ نه آهي ته اهو ڀارت ڪيو آهي، اس??ن جون ايجنسيون هائي الرٽ آهن، ان??ي جي ڪري چئن وڏن واقعن کي ناڪام ??ڻايو ويو آهي. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ مڪمل ٿيڻ تي ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان پارٽي جي اسيمبلي ميمبرن ۽ اتحادين جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته سڀني هڪ جذبي سان بجيٽ جي منظوري ۾ حصو ورتو آهي. بجيٽ کان هڪ رات اڳ نجي ٽي وي ش??ز ۾ ائين پيش ڪيو پئي ويو ته ڪجهه به ٿي سگهي ٿو ۽ هي حڪومت جو آخري ڏينهن آهي. وزيراعظم چيو ته هو عورت ميمبرن جو به ٿورائتو آ??ي جيڪي ايو??ن جي ڪارروائي ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيون آهن. مون کي پارٽي جي چيف وهپ عامر ڊوگر عورت ميمبرن جي ڪارڪردگي بابت ٻڌايو آهي، آئون اقليتي ميمبرن جو به ٿورائتو آهيان. وزيراعظم چيو ته هو پنهنجي خطاب جي شروع ۾ پاڪست??ن جي انهن هيروز جي قربانين جو اعتراف ڪرڻ چاهي ٿو جن ڪالهه ڪراچي ۾ پنهنجي جانين جي قرباني ڏئي پاڪستان کي عدم استحڪام ??و شڪار ڪ??ڻ وارن جي منصوبي کي ناڪام ??ڻايو، سب انسپيڪٽر شاهد شهيد، اسٽاڪ ايڪسچينج جي محافظن افتخار، خدا يار حسن علي تمام وڏي قرباني ڏني آهي، اسان کي اهو ٻڌي افسوس ٿيو ته حسن علي جي ڀيڻ ڀاءُ جي ش??ادت جي خبر ٻڌي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري وئي.