اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال جو تفصيلي ج??ئزو ورتو ويو ۽ فيصلو ڪيو ته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي ر??ڪڻ جي لاءِ ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائيندي زندگي جي ڪاروهنوار ۽ ڪاروبار جي وچ ۾ توازن کي برقرار رکڻ جي پاليسي تي عملدرآمد جاري ر??ندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اهڙن ڪاروباري شعبن جي منفي لسٽ جاري ڪئي ويندي جيڪي ڪورونا وائرس جي وڌيڪ ڦهلاءُ کي ر??ڪڻ جي سلسلي ۾ بند رهندا جڏهن ته ڪاروباري ۽ واپاري سرگرمين جي هڪ اهڙي فهرست جنهن تي وفاقي حڪومت ۽ صوبن جو اتفاق راءِ ٿيندو، اها ص??عتي شعبي کي ج??ري ڪئي ويندي جنهن تحت انهن کي پنهنجون سرگرميون ٻيهر جاري رکڻ جي اجازت هوندي. زندگي جي ڪاروهنوار ۽ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ جي حوالي سان غيريقيني جي ڪري قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ان ڳالهه کي ورجايو ويو ته اسان کي ڪورونا وائرس سان گڏ رهڻو پوندو جڏهن ته وائرس جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو ويندو.