اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شب??ي فراز چيو آهي ??ه عيد جي موقعي تي قوم کي ڪورونا وائرس جي وبا سبب انساني جانين جو نقصان ۽ جمعته الوداع تي جهاز جي افسوسناڪ حادثي کي منهن ڏيڻو پيو آهي، جنهن ڪيترن ئي خاندانن کي ڏک ۽ صدمي ۾ وجهي ڇڏيو آهي. سماجي رابطن ??ي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري پيغام ۾ هن چيو ته قوم کي عيدالفطر تي انهن ماڻهن کي نه وسارڻ گهرجي جن پنهنجي پيارن کي وڃايو آهي.