??اه??ر – 30 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف اهو سمجهن ٿا حڪومت ڪامياب ٿي ته انهن جو پئسو پڪڙيو ويندو، ملڪي مافياز کي فڪر لڳي وئي آهي ته اسان ڪامياب ٿي وياسين ته مخالف ڌر جي سياست ختم ٿي ويندي، ملڪ مشڪل وقت مان ٻاهر نڪري آيو آهي، گهٽ عرصي ۾ پنجاب ۾ سڌارا سڀ کان وڌيڪ آيا آهن، ٽن هفتن جي محنت کانپوءِ بهترين ٽيم پنجاب ۾ آندي آه?? جنهن سان پراڻي ۽ نئين پنجاب ۾ توهان کي فرق نظر ايندو، سموگ جي روڪٿام ??اءِ ٻاهرئين ملڪن مان صاف تيل درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، يورو 4 پيٽرول درآمد ڪنداسين، 2020ع جي آخر تائين يورو 5 پيٽرول تي منتقل ٿي وينداسين، ??اه??ر ۾ 60 هزار ڪينال تي ٻيلا هڻڻ جو فيصلو ڪيو آه?? جنهن سان ماحولياتي آلودگي تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. هو وزيراعليٰ هائوس ??اه??ر ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.