اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته موجوده حڪوم?? جي قدمن تحت يوريا ڀاڻ جي دستيابي ۽ قيم?? جي حوالي سان صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، في ٻوري قيمت گهٽ ٿي 4451 رپيا ٿي وئي آهي، اميد آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ يوريا ڀاڻ جي قيمتن ۾ وڌيڪ نمايان گهٽتائي ايندي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ذيشان خانزاده جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته زراعت اسان جي جي ڊي پي جو اٽڪل چوٿون حصو آهي، زراعت اهو شعبو آهي جنهن ۾ اسان جي 40 سيڪڙو ليبر فورس ڪم ڪري ٿي، 2 لک 20 هزار ٽن ي??ريا تازو ئي درآمد ڪئي وئي. هن چيو ته ربيع سيزن جي حوالي سان ي??ريا ڀاڻ جي دستيابي جو ڪاٿو 35 لک ٽن هو، شروعاتي بيلنس 77 هزار ٽن هو، 32 لک 80 هزار ٽن مقامي پيداوار هئي، يوريا ڀاڻ جا ٻه ڪارخان?? جنوري کان مارچ تائين بند رهي?? جنهن جي ڪري مقامي پيداوار ۾ 2 لک 25 هزار ٽن گهٽتائي ٿي، فوجي فرٽيلائيزر بن قاسم جي پيداوار ۾ گئس جي کوٽ جي ڪري يوريا جي پيداوار ۾ هن سال هڪ لک 80 هزار ٽن گهٽتائي ٿي. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ مان ڀاڻ درآمد ڪرڻ جو فيصلو دير سان ٿيو جنهن جي ڪري قيمتن تي اثر پيو، هن وقت يوريا جي ڪافي مقدار دستياب آهي، ذخيره اندوزن ۽ ناجائز منافعي خورن مصنوعي کوٽ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن ۽ فرٽيلائيزر انڊسٽري سان گڏجي 12 ڊسمبر کان روزاني جي بنياد تي ڀاڻ جي دستيابي ۽ قيمت تي نظر رکي آهي، صوبن کي يوريا جي دستيابي ??ڌا??ي وئي آهي، صوبائي حڪومتون ذخيره اندوزن جي خلاف ڪارروائي ڪري رهيون آهن. هن چيو ته پنجاب حڪومت ان ڏس ۾ 950 ايف آءِ آرز ۽ 104 ملين رپين جا ڏنڊ هنيا آهن، سنڌ حڪومت به ان ڏس ۾ قدم کنيا ۽ 4 ملين رپين جا ڏنڊ هنيا، انهن سمورن قدمن سان ي??ريا جي دستيابي ۽ قيم?? جي حوالي سان صورتحال بهتر ٿيڻ شروع ٿي آهي. هن چيو ته يوريا جي قيم?? جيڪا 5 هزار رپيا في ٻوري کان وڌي وئي هئي هاڻي اها 4451 رپيا في ٻوري ٿي وئي آهي، برآمدي يوريا جا ٻه جهاز 95 هزار ٽن ي??ريا کڻي اچي ويا آهن، نيشنل فرٽيلائيزر مارڪيٽنگ لميٽيڊ ان جي ڊسٽري بيوشن ڪري رهي آهي، اميد آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ يوريا جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي ايندي. هن چيو ته وزارت سوال نوٽ ڪيا آهن، انهن سمورن جو تفصيلي جواب وزارت ڏيندي.