اسلام آب??د – 05 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪشميرين کي گڏيل قومن جي قراردادن مو??ب خودمختياري ج?? حق ملڻ گهرجي. مملڪتي وزير ڪشمير سان يڪجهتي ج?? ڏهاڙي ج?? موقعي تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽر پيغام ۾ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان هر عالمي فورم تي بهترين انداز ۾ ڪشمير جو ڪيس پيش ڪيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪشميرين جو دلير وڪيل ۽ سچو سفير هجڻ جو حق ادا ڪيو آهي ج??هن جي نتيجي ۾ دنيا آڏو پهريون ڀيرو مو??ي ۽ آر ايس ايس جي انتهاپسنداڻي سوچ بي نقاب ٿي.