اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گورننس کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ موجوده شهرن کي سمارٽ شهرن ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، گورننس، تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ مصنوعي ذهانت ۽ ڊيٽا سائنس استعمال ۾ آڻي زندگي جي معيار ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سمارٽ سٽيز پروگرام بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ??وڌري فواد حسين، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ۽ آءِ ٽي ماهرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته سمارٽ شهرن جي جوڙجڪ لاءِ ماهرن جي هڪ ٽيم جوڙي وئي آهي، خصوصي شعبن ۾ تحقيق ۽ ترقي لاءِ قومي مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. بريفنگ ۾ اهو ب?? ٻڌايو ويو ته قومي مرڪزن سان مصنوعات جي چرپر جي موثر نظام، ڏوهن جو ??تو لڳائڻ ۽ سائبر ڏوهن جي جاچ ۾ مدد ملندي. نائيجيريا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجي فراهم ڪرڻ تي نيشنل ريڊيو ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي آهي.