اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت گهٽايو بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته احساس ايمرجنسي ڪ??ش پروگرام تحت پهرين ٻن ڪيٽيگرين ۾ 57 لک 50 هزار مستحق خاندانن ۾ 69 ارب روپيا ورهائجي چڪا آهن، پريس ??انفرنس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته پهرين ڪيٽيگري تحت 80 سيڪڙو ادائيگين جو ڪم مڪمل ٿي ??ڪو آهي جڏهن ته ٻي ڪيٽيگري تحت ڪم تيزي سان جاري آهي، هن ٻڌايو ته 3 ڪروڙ 50 لک درخواستون رد ڪيون ويون جڏهن ته 89000 ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊز جي سُڃاڻپ نه ٿي سگهي، هن چيو ته ٽئين ڪيٽيگري جي لاءِ انتظامن کي حتمي ش??ل ڏني وئي آهي، هن چيو ته پروگرام کي شفاف بڻائڻ لاءِ ڀرپور ق??م کنيا ويا آهن، وزيراعظم عمران خان جي هدايتن جي روشني ۾ ان عمل کي انتهائي شفاف بڻايو ويو آهي.