اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت يقيني بڻائيندي ته ايندڙ نگران حڪومت قومي مفاد جي پاليسين جو ??سلسل قائم رکي، پوري ڪوشش آهي ته قومي ترقي جو ??سلسل برقرار رهي. اها ڳالهه هن اسلام آباد ۾ پنهنجي صدارت ۾ اسٽيٽ اونڊ انٽرپرائيز ۾ جاري سڌارن بابت اڳڀرائي جي جائزه اجلاس دوران ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ادارن بشمول ڪارپوريشنز جي ڪارڪردگي جا انگ اکر پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ جاري سڌارن تي اڳڀرائي بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته حڪومت عالمي معيار موجب ادارن جي بهتري ۽ عوام کي بهتر سهول??ن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اسٽيٽ اونڊ انٽرپرائيز ۾ سڌارن جو ??مل تيزي سان جاري آهي، جديد نظام ۽ بهترين سهول??ن جي فراهمي لاءِ انهن ادارن جي بورڊ ماهرن جي شم??لي?? يقيني بڻائي ويندي. وزيراعظم چيو ته خدم??ن جي آئوٽ سورسنگ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ شفافيت جي عنصر کي مرڪزي اهميت ڏني وڃي، حڪومت يقيني بڻائيندي ته ايندڙ نگران حڪومت قومي مفاد جي پاليسين جو ??سلسل قائم رکي، پوري ڪوشش آهي ته قومي ترقي جو ??سلسل برقرار رهي. هن هدايت ڪئي ته قومي خزاني کي خساري سان نقصان پهچائيندڙ ادارن جي اصلاح کي ترجيحي بنيادن تي لاڳو يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، سيد نويد قمر، مخدوم مرتضيٰ محمود، انجنيئر خرم دستگير، خواجه سعد رفيق، اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خصوصي معاون جهانزيب خان، طارق باجوه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.