ڪراچي-13 جون (ا?? پي پي) ڪم??نر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ موسميات کاتي ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ا??ارٽي جو دورو ڪيو. ان موقعي تي چيف ميٽرولوجسٽ طوفان جي ڪراچي ۾ اثرن ۽ طوفان جي اثرن کي شهر ۾ م??هن ڏيڻ لاءِ امدادي ڪمن ۽ شهرين کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ متاثر ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ جي قدمن ۽ انتظامن بابت پي ڊي ايم اي تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي چيف ميٽرولوجسٽ ڪم??نر کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ 15، 16 ۽ 17 جون تي تيز هوائن سان تيز برس??ت جو امڪان آهي. خدشو آهي ته هڪ سئو ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات پئجي سگهي ٿي. بحرحال موسم جي اها صورتحال تبديل به ٿي سگهي ٿي.