اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) مسلم ??يگ (ن) جي جنرل ??ائونسل وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ايندڙ چئن سالن جي لاءِ بنا مقابلي پارٽي جو صدر چونڊي ورتو ??ڏه?? ته مريم نواز شريف سينيئر نائب صدر ۽ پارٽي جي چيف آرگنائيزر، احسن اقبال سيڪريٽري جنرل ۽ اطلاعات ۽ نشر??ات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات ??ڏه?? ته اسحاق ڊار کي اوورسيز جو صدر چونڊي ورتو. مسلم ??يگ (ن) جي جنرل ??ائونسل جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، مسلم ??يگ (ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز شريف، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشر??ات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وفاقي وزير احسن اقبال، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، راجا محمد ظفرالحق، انجنيئر امير مقام، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، انجم عقيل خان، شاهه غلام قادر سميت چئني ??وبن بشمول آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي نائب صدرن ۽ ٻين عهديدارن کانسواءِ وڏي انگ ۾ سڄي ملڪ مان پارٽي جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. انٽرا پارٽي اليڪشن جي چيئرمين سردار محمد يوسف جنرل ??ائونسل پاران چونڊيل پارٽي عهديدارن جو اعلان ڪندي چيو ته جنرل ??ائونسل وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ايندڙ چئن سالن جي لاءِ مسلم ??يگ (ن) جو صدر چونڊيو آهي ??ڏه?? ته مريم نواز شريف سينيئر نائب صدر ۽ پارٽي جي چيف آرگنائيزر هوندي. احسن اقبال سيڪريٽري جنرل، مريم اورنگزيب سيڪريٽري اطلاعات، عطاءُ الله تارڙ ڊپٽي سيڪريٽري جنرل هوندو. مسلم ??يگ (ن) جي جنرل ??ائونسل مسلم ??يگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف تي مڪمل اعتماد جو اظهار ۽ پارٽي صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي قرارداد منظور ڪئي. قرارداد ذريعي والاريل ڪشمير جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو ۽ 9 مئي جي واقعن جي مذمت ڪئي وئي.