انقره-03 جون (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز پاڪستان ۾ ترڪيھ جي سيڙپڪارن جي آجيان ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري ب??ان مطابق وزيراعظم مح??د شهباز شريف پاڪ – ياترم جي چيئرمين ۽ ترڪيھ جي پرڏيهي، اقتصادي لاڳاپن واري ب??رڊ (ڊي اي آءِ ڪي) جي صدر ني?? اولپاڪ سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ تجديد جوڳي توانائي ۽ تعميراتي شعبي ۾ سيڙپڪاري تي ڳالهيون ٿيون. ترڪيھ جي پرڏيهي اقتصادي لاڳاپن واري ب??رڊ جي صدر وزيراعظم کي ترڪ ڪمپنين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي بابت آگاهه ڪيو، جنهن جي وزيراعظم آجيان ڪئي. ملاقات ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خصوصي معاون طارق فاطمي ۽ ترڪيھ ۾ پاڪستان جي سفير ??اڪٽر يوسف جنيد به شرڪت ڪئي.