اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير مريم اورنگزيب ??يو آهي ته اسڪرين ٽوئرازم جي ذريعي پ??ڪس??ان جي خوبصورت ثقافت ۽ تهذيب ۽ تمدن پو??ي دنيا کي ڏيکارڻ چاهيون ٿا، غيرملڪي فلم سازن کي پ??ڪس??ان ۾ عڪسبندي ۽ فلم سازي جي شعبي ۾ خصوصي رعايتن مان فائدو کڻڻ گهرجي، پ??ڪس??اني شاگردن کي فلم، آرٽ اينڊ ڪلچر ۾ فني تربيت جي فراهمي لاءِ جرمن ادارن جي تعاون جا خواهشمند آهيون. اها ڳالهه هن پ??ڪس??ان ۾ جرمني جي سفير ايلفرڊ گرناس سان ملاقات دوران چئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فلم، آرٽ ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ بيبلسبرگ يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي آف ٽيليويزن اينڊ فلم ميونڪ سان حصيداري عمل جي تجويز تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري ??فا??ي وزير جرمن سفير کي فلم اينڊ ڪلچر پاليسي ۽ ان تحت ڏني ويندڙ مراعتن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته جرمني ۽ پ??ڪس??ان جي نجي سرڪا??ي درسگاهن ۾ تعاون سان فلم، آرٽ اينڊ ڪلچر کي فروغ ملي سگهي ٿو. ??فا??ي وزير جرمن اين جي اوز جي آئي زيڊ ۽ هانس سيڊل فائونڊيشن جي پ??ڪس??ان ۾ خدمتن کي ساراهيو. هن ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 18 ڪروڙ 40 لک يورو جي امداد تي جرمني جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ماحولياتي تبديلين جي مقابلي لاءِ عالمي ڪانفرنس ۾ 8 ڪروڙ 40 لک يورو جي امداد جي فراهمي جو واعدو جرمني جي پ??ڪس??ان دوستي هڪ ٻيو ثبوت آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي ڪاٿي کي 4 ارب ڊالر کان وڌائڻ جي ضرورت آهي. ??فا??ي وزير چيو ته اقبال ۽ گوئيٽه ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ جهڙي حيثيت رکن ٿا، برلن ۾ اقبال گوئيٽه آرٽ اينڊ ڪلچر سينٽر قائم ڪرڻ سان ٻنهي ملڪن جي عوام هڪ ٻئي جي ويجهو ايندي. هن چيو ته جرمن ميڊيا پ??ڪس??ان جي حالتن جي غيرجانبداراڻي انداز ۾ رپورٽ ڪري ٿي جيڪا ساراهه جوڳي آهي. جرمني جي صحافتي تنظيمن جي وفد جو پ??ڪس??ان جو ايندڙ مهيني دورو متوقع آهي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي ۽ ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. جرمن سفير اطلاعات واري وزير جي فلم اينڊ ڪلچر جي فروغ جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو.