اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ گڏيل ??وم?? جي اهتمام هيٺ افغا??ست??ن بابت منعقد ٿيندڙ خصوصي ايلچين جي ٻن ڏينهن واري اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهي آهي، هوءَ اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ ٻين ملڪن جي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب گڏيل ??وم?? جي سيڪر??ٽر?? جنرل انتونيو گوٽريس جي سربراهي ۾ ٿيندڙ ان اجلاس ۾ علائقائي ۽ عالمي ملڪ افغا??ست??ن جي موجوده صورتحال کي تعميري ڳالهه ٻولهه جي ڏس ۾ بحث هيٺ آڻيندا. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير افغا??ست??ن جي حوالي سان پاڪستان جو موقف پيش ڪندي ۽ عالمي ۽ علائقائي حصيدارن سان اڳتي وڌڻ جي رستي جي حوالي سان اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ بابت ڪم ڪندي. ترجمان چيو ته پاڪستان هڪ پرامن، مستحڪم، خودمختيار۽ خوشحال افغا??ست??ن جي گڏيل مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي ??اء?? سمورين ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.