اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالعدم تنظيم بي اين اي جي باني ۽ سربراهه ۽ هائي پروفائيل عسڪريت پسند ليڊرن مان هڪ گلزار امام شمبي جي پڪڙڻ تي پاڪستانين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ام?? جي بحالي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون اڻٿڪ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. پنهن??ي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ، پنهنجي نوعيت جي پهرين ۽ مختلف جاگرافيائي جاين تي ٻڌل، انتهائي ڏکئي انٽيل?? جنس آپريشنز کي وڏي نفاست سان سرانجام ڏيڻ تي قوم پاران خصوصي ساراهه جو مستحق آهي. هن چيو ته پاڪستان خاص طور تي ب??وچ??تان ام?? ۽ خوشحالي طرف گامزن آهي. هن پنهن??ي ٽوئيٽ جي پڄاڻي پاڪستان زندهه آباد سان ڪئي.