اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گڏيل عرب امارات سان مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي سگ??ه ڏيڻ جو خواهشمند اهي، گڏيل عرب امارات جي سي??پڪارن کي هر ممڪ?? تعاون فراهم ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل عرب امارات جي شاهي خاندان جي ميمبر ۽ ابوظهبي پورٽس جي چيئرمين شيخ احمد دلموڪ المڪتوم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وفد سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل عرب امارات سان مختلف شعبن خاص طور تي واپار ۽ سي??پڪاري ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگ??ه ڏيڻ کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. وزيراعظم ابوظهبي پورٽس جي پاڪستان جي بندرگاهن ۽ شپنگ جي صنعت ۾ سي??پڪاري ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي. شيخ احمد دلموڪ المڪتوم چيو ته پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جي سي??پڪاري کي سگ??ه ڏيڻ جي مقصد سان سندس ٻن مهينن جي گهٽ مدي ۾ پاڪستان جي هر ٻيو دورو آهي. وزيراعظم يقين ڏياريو ته گڏيل عرب اماراتج ي سي??پڪارن کي هر ممڪن ح??وم??ي تعاون فراهم ڪيو ويندو. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير سيد فيصل علي سبزواري، خاص معاونين ڊاڪٽر جهانزيب خان، طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جو سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي پڻ ملاقات ۾ موجود هو.