اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ??يو آهي ته پ??ڪس??ان جو آئين صحافت جي آزاد?? ۽ ??هرين جي صحيح معلومات تائين پهچ جي حق جو ضامن آهي، بدقسمتي سان پ??ڪس??ان ۾ 2018ع کان 2022ع تائين صحافت هڪ ڏکئي دور مان گذري، پي ٽي آءِ جي چار سالا دور ۾ اهڙي پراسرار سينسرشپ جاري هئي جنهن صحافين کي خوفزده ڪيو، ان وقت جي وزيراعظم کي عالمي ادارا ”پريس فريڊم پريڊيٽر“ جو شرمناڪ خطاب ڏنو، عمران خان نه رڳو صحافين جو آواز بند ڪيو پر انهن تي ظلم ڪيا، انهن کي اغوا ڪيو، گوليون هنيون. صحافت جي آزادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??يو ته اڄ پ??ڪس??ان سميت سڄي دنيا ۾ صحافت جي آزادي جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ اتحادي حڪومت پريسجي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي. پ??ڪس??ان جو آئين صحافت جي آزاد?? ۽ ??هرين جي صحيح معلومات تائين پهچ جي حق جي ضمانت ڏي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير صحافت جي آزادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي انهن صحافين کي خراج عقيدت پيش ڪيو جن سچ جي ڳولا ۾ پنهنجي جانيون وڃايون. هن ??يو ته بدقسمتي سان پ??ڪس??ان ۾ 2018ع کان 2022ع تائين صحافت هڪ ڏکئي دور مان گذري، پي ٽي آءِ جي چار سالن ?? ملڪ ۾ هڪ اهڙي ”پراسرار سينسرشپ“ جاري هئي جنهن صحافين کي خوفزده ڪيو. هن ??يو ته 2017ع ۾ ورلڊ پريس فريڊم انديڪس ۾ پ??ڪس??ان 139 هين نمبر تي هو، پي ٽي آءِ جي ميڊيا دشمن پاليسين جي ڪري پ??ڪس??ان جي درجابندي ۾ 12 پوائنٽ جي وڌيڪ گهٽتائي ٿي. ان وقت وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ تي ويٺل شخص کي پريسفريڊم پريڊيٽر جو شرمناڪ خطاب ڏنو ويو، عمران خان پنهنجي چار سالا دور ۾ نه رڳو صحافين جو آواز بند ڪيو پر انهن تي ظلم ڪيا، انهن کي اغوا ڪيو، صحافين جي پيٽ ۾ گوليون هنيون، پي ٽي آءِ جو چار سالا دور صحافين جي لاءِ خطرناڪ دور هو. هن ??يو ته عمران خان صحافت تي پابنديون هنيون، اهڙي طرح پابنديون لڳائڻ سان چار ڏينهن ته پنهنجو موقف ڏئي سگهجي ٿو پر آخرڪار سچائي مڃڻي پوي ٿي، اڳوڻي حڪومت رياست پاران صحافين جي زبان بندي جي لاءِ دٻاءُ وڌايو. هن پنهنجي غلطين تي نظرثاني ڪرڻ بدران پنهنجي ناڪامين جي ڪاوڙ صحافين ۽ صحافتي ادارن تي ڪڍي. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته اڄ ملڪ ۾ صحافت مڪمل طور تي آزاد آهي. هن ??يو ته صحافي معاشري کي طاقتور بڻائين ٿا، چوڻي آهي ته معلومات ۾ طاقت آه?? ۽ ??حافي توهان کي اها طاقت ڏين ٿا. حڪومت صحافين جي تحفظ جي لاءِ عملي قدم کڻندي رهندي.