اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي سان گورنر هائوس ڪراچي ۾ عيد ملن جي تقريب ۾ غيرملڪي سفارتڪارن، بيورو??ري??س، سول سوسائٽي جي ميمبرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن ملاقات ڪئي. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب ??در ۽ سفارتڪارن هڪ ٻئي کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ ٻطرفي دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي انڊونيشيا، جاپان، چين، سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن جا ??فارتڪار موجود هئا. ??در ڊاڪٽر عارف علوي دوست ملڪن سان گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو. هن سفارتڪارن تي زور ڏنو ته اهي موجوده ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ پاڪستان سان ٻطرفي واپاري تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪن. بعد ۾ سول سوسائٽي جي ميمبرن ??در سان انهن قدمن بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪي مصنوعي ذهانت ۽ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ تي صدارتي قدمن تحت مختلف ڪمپيوٽر ڪورسز جي ذريعي روزگار حاصل ڪرڻ جي لاءِ نوجوانن جي حوصلا افزائي جي لاءِ کڻي سگهجن ٿ??. ??در سينيئر بيورو??ري??س ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان پڻ ملاقات ڪئي.