??را??ي – 03 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلز??ار??ي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاو?? ڀٽو زرداري پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل کي ملڪ جي نظام عدم ۽ انصاف تي ڪارو ڌٻو قرار ڏيندي چيو آهي ته ڀٽو خاندان جي هاڻي ٽئين نسل ا??لي?? عدليه کان انصاف جي منتظر آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل بيان موجب بلاو?? ڀٽو زرداري ??ار??ي جي باني چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 44 هين شهادت جي ڏهاڙي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ملڪ کي متفقه آئين ڏيندڙ وزيراعظم جي عدالتي قتل جي حوالي سان صدارتي ريفرنس گذريل 12 سالن کان سپريم ڪورٽ ۾ التوا هيٺ آهي ۽ انهن 4382 ڏينهن دوران اسان جي نظام عدل ۽ انصاف وٽ ڀٽو جي فرياد ٻڌڻ جي لاءِ هڪ منٽ به ميسر نه آهي. هن چيو ته ٻڌايو وڃي ته انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڀٽو خاندان جي وڌيڪ ڪيترين نسلن کي انتظار ڪرڻو پوندو؟ چيئرمين بلاو?? ڀٽو زرداري چيو ته تاريخ ڀٽو جي بيگناهي جي حق ۾ ايترا ثبوت پيش ڪري ڇڏيا آهن جو ان جي بدترين دشمن کي به هاڻي اهو چوڻو پوي ٿو ته قائد عوام سان ظلم ٿيو. ا??لي?? عدليه کي اپيل ڪريان ٿو ته 2 اپريل 2011ع تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاران آرٽيڪل 186 تحت موڪليل صدارتي ريفرنس کي جلد ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيو وڃي. پيپلز??ار??ي چيئرمين قائد عوام کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مدبر قيادت ۾ پاڪستان سياسي، سفارتي، معاشي، دفاعي ۽ معاشرتي لحاظ کان ڪيترائي سنگ ميل عبور ڪيا. عوام ۾ سياسي شعور، ملڪ جو پهريون متفقه آئين، زرعي ۽ معاشي سڌارا، ائٽمي پروگرام جي شروعات، پاڪ چين دوستي جو بنياد ۽ پاڪستان کي اسلامي دنيا جو سفارتي طور تي گادي وارو شهر بڻائڻ شهيد ڀٽو جي ڪارنامن جا ڪجهه مثال آهن. بلاو?? ڀٽو زرداري چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت جو ڏهاڙو وچن ورجائڻ جو ڏينهن آهي ته پاڪستان پيپلز??ار??ي جمهوريت، 1973ع جي آئين، ??ار??ياماني بالادستي، مزدورن، آبادگارن، اقليتن ۽ عورتن جي حقن ۽ معاشري ۾ ڀائيچاري ۽ برابري تان ڪنهن به قيمت تي دستبردار نه ٿيندي.