ڪراچي – 23 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ۾ منعقد سول ايوارڊز ورهائڻ واري تقريب ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري کي عوامي خدمتن جي شع??ي ۾ ان جي ڪوششن تي تمغه امتياز جو اعزاز عطا ڪيو. گورنر هائوس سنڌ پاران جاري پڌرائي موجب ڪامران خان ٽيسوري هڪ ناليواري ڪاروباري ۽ سرندي واري شخصيت پڻ آهي ۽ هو 9 ڀيرا بهترين ايڪسپورٽرز ٽرافي ۽ ٽي ڀيرا بزنس مين آف دي ايئر جو ايوارڊ حاصل ڪري چڪو آهي، ان ??ان??واءِ هڪ ڀيرو گولڊن سن آف دي ڪنٽري جو اعزاز پڻ کيس ڏنو ويو آهي. ٻئي طرف وزيراعظم محمد شهباز شريف تمغه امتياز مل?? تي سنڌ جي گورنر کي مبارڪباد ڏيندي چي?? ته ايوارڊ توهان جي خدمتن جو اعتراف آهي. سنڌ جي گورنر چي?? ته هن ايوارڊ جي لاءِ الله تعاليٰ جو شڪرگذار آهيان. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو صوبي جي عوام جي مسئلن جي حل لاءِ وڌيڪ محنت ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪندو.