اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي 50 سالا گولڊن جوبلي تقريبن جي موقعي تي ميمبرن ملڪ کي درپيش معاشي ۽ سياسي چئلينجن جو حل ڳالهين ذريع?? ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته پاڪ??تا?? جي بقاءُ آئين جي بالادستي ۽ جمهوري?? ۾ ??هي، اسان کي پنهنجي انا لاءِ پاڪ??تا?? کي نقصان پهچائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، سموري قومي قيادت کي هڪ پليٽ فارم تي گڏجي ملڪ کي مسئلن جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ گهرجي. سينيٽ جي قيام جي 50 سالا تقريبن جي آخري ڏينهن پاڪ??تا?? پيپلزپارٽي جي سينيٽر مولابخش چانڊيو خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سينيٽ جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي گولڊن جوبلي تقريبون منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو، هن چيو ته قومون ۽ ٻوليون ننڍيون يا وڏيون ناهن هونديون پر نظرانداز ڪرڻ سبب اهو تاثر پيدا ٿيندو آهي، ذوالفقار علي ڀٽو محب وطن پاڪ??تا??ي قائد هو ان تي فخر آهي، سمورن پاڪ??تا??ي سياستدانن جو احترام ڪريون ٿا، هو سڀ اسان جا قومي اڳواڻ آهن، الله پاڪ??تا?? ۾ جمهوريت کي وڌيڪ مستحڪم ڪري، پنهنجي انا ۽ تڪبر لاءِ پاڪ??تا?? کي نقصان پهچائڻ کان پاسو ڪيو وڃي. بلوچ??تا?? عوام?? پارٽي ج?? پارلياماني ليڊر سينيٽر منظور ڪاڪڙ چيو ته گولڊن جوبلي تقريبون منعقد ڪرڻ سٺو قدم آهي، ان جو سڀ کان وڏو شرط ڪم جي نيت آهي، اسان کي آئين جي بالادستي ۽ پارليامينٽ جي بقاءُ لاءِ گڏجي ويهڻو پوندو، سينيٽر شميم آفريدي چيو ته پاڪ??تا?? جي عوام کي هن وقت سڀ کان وڌيڪ ضرورت اٽي جي آهي اهو مهيا ڪريو. سينيٽر پلوشه احمد زئي چيو ته جيڪڏهن اسان پڪو ارادو ڪري وٺون ته اسان آءِ ايم ايف بدران متبادل ذريعن مان وسيلا حاصل ڪري سگهون ٿا، حڪومت کي مشڪل مرحلا درپيش ضرور آهن پر ايٽمي هٿيارن تي ڪو به ٺاهه نٿو ڪري سگهجي، اسان سڀ پاڪ??تا?? جا سفير آهيون، سينيٽر محمد قاسم چيو ته پاڪ??تا?? ۽ جمهوريت 50 سال جي ڏکي رستي تان گذري آيا آهن پر نااميدي ناهي، سخت محنت جي ضرورت آهي اڄ جي حالتن مان اسان کي اهو سبق ملي ٿو ته ڳالهين طرف اچڻ گهرجي. سينيٽر پروفيسر ساجد مير چيو ته آئين تي ان جي روح موجب عملدرآمد نه ٿيڻ سان ملڪي حالتون خراب ٿينديون پيون وڃن، بار بار فوجي مداخلت نه ٿئي ها ته ملڪ جون حالتون بهتر هجن ها. هن چيو ته پارليامينٽ کي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻڻ گهرجن، هن چيو ته پارليامينٽ جو ڪردار مثبت هجڻ گهرجي ۽ ملڪ کي درپيش مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، سينيٽر هلال الرحمان چيو ته آئون سينيٽ چيئرمين ۽ هن پوري ايوان کي ڪامياب گولڊن جوبلي تقريبون منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو ۽ اميد ڪريان ٿو ته سمورا پارليامينٽ جا ميمبر آئين جي بالادستي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.