اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انڊو??يش??ا جي صدر ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي انڊو??يش??ا ۾ پاڪستاني سيڙپڪار جي معاملي تي جلد اڳڀرائي جي لاءِ انڊو??يش??ا جي صدر کي ذاتي ڌيان جي درخواست ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي انڊو??يش??ا جي صدر جي نالي خط لکيو آهي جنهن ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ انڊو??يش??ا ويجها دوست، اسلامي تعاون تنظيم جي ڏس ۾ ٻطرفا حصيدار آهن، ٻنهي ڀائر ملڪن معاشي ۽ واپاري لاڳاپا وڌائڻ، واپارين کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون آهن. صدر انڊو??يش??ا جي صدر کي انڊو??يش??ا ۾ پاڪستاني سيڙپڪار ملڪ محمد آصف کي ڪ??روباري معاملن ۾ مشڪلاتون پيش اچڻ تي مدد فراهم ڪرڻ جو چيو. خط ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ محمد آصف انڊو??يش??ا جي عملدارن کي پاڪستاني سفارتخاني جي ذريعي پنهنجون شڪايتون جمع ڪرائي چڪو آهي جڏهن ته معاملو اڃا حل طلب آهي. ان کان اڳ ??لڪ محمد آصف صدر کي انڊو??يش??ا جي صدر جو ڌيان ڇڪرائڻ ۽ منصفاڻي بنيادن تي معاملو حل ڪرائڻ جي لاءِ درخواست ڪئي هئي.