اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اسان جو پختو يقين آهي ته ڪشميري پنهنجي جدوجهد ۾ ڪامياب ٿيندا. يوم يڪجهتي ڪشمير تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اڄ 5 فيبروري کي اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينر?? جي خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ لاءِ انه?? جي منصفاڻي جدوجهد ۾ اڻٽر ايڪتا جو اظهار ڪريون ٿا، هن چيو ته اهو ضروري آهي ته ڪشميري گڏيل قوم?? جي انتظام هيٺ آزاداڻي ۽ غير جانبداراڻي راءِ جي ذريعي پنهنجي حق خود اراديت جو استعمال ڪن. هن چيو ته هي ڏينهن حڪومت پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن ۽ پوري دنيا جي سامهون اهو ثابت ڪري ٿو ته اسان وا??اريل ڄمون ڪشمير جي پراڻي تڪرار کي وسارڻ نه ڏينداسين، گهرو وزير چيو ته پاڪستان گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب وا??اريل ڄمون ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينر?? جي هر ممڪن حمايت جاري رکندو، اسان جو پختو يقين آهي ته ڪشميري پنهنجي جدوجهد ۾ ڪامياب ٿيندا. ڪشمير جي هن ڏينه?? جي موقعي تي اسان ڀارت کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو وا??اريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حق?? جي سنگين، منظم ۽ رياستي سرپرستي ۾ ٿيل ڀڃڪڙين کي فوري طور تي روڪي ۽ عالمي تنظيمن کي وا??اريل علائقي تائين بنا رنڊڪ جي پهچ ڏي. اڄ اهو ضروري آهي ته ڪشميري قوم جي حالت تي روشني وڌي وڃي ۽ سفاڪ ڀارتي نيم فوجي دست?? جي هٿان انساني حق?? جي ڀيانڪ ڀڃڪڙين تي به روشني وڌي وڃي، ڪشمير پاڪستا?? جي شه رڳ آهي.