ڪراچي – 02 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي جي دوري دوران ??ربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ و??ري وفاقي وزير ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن شازيه مري جي رهائشگاهه تي ويو. وزيراع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ????ري بيان موجب وزيراعظم شازيه مري کي پنهنجي ڌيءَ جي شادي تي مبارڪباد ڏني ۽ نئين شادي شده جوڙي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ان ??هم سماجي ٻنڌڻ کي ٻنهي خاندانن جي لاءِ خوشين جو سبب بڻائي. ان موقعي تي توانائي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ موجود هئا.