اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڪرڪيٽ اسان جي ڪلچر جو حصو بڻجي چڪي آهي، انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ٽيم جو پاڪستان اچڻ نه رڳو ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ پر پاڪستاني ناظرين، شوقينن ۽ عوام جي لاءِ مثبت سرگرمي جو سبب بڻي آهي. برطانيا جي ڪرڪيٽ ٽيم جي اعزاز ۾ ڏنل تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اها ڳالهه اعزاز جوڳي آهي ته 2005ع کانپوءِ پهريون ڀيرو ٽ??سٽ سيريز جي لاءِ انگلش ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان آئي آهي. هن چيو ته ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي لاءِ ضروري آهي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ٽيمون پاڪستان اينديون رهن. مريم اورنگزيب چيو ته ٽ??سٽ سيريز ڪرڪيٽ جي اصل ر??ح آهي، ڪرڪيٽ تي سياست ناهي ٿيندي، پاڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ پاڪستان ۾ ٽ??سٽ سيريز منعقد ڪرڻ جي لاءِ برطانوي هاءِ ڪمشنر، پاڪستان حڪومت ۽ وزيراعظم آفيس جو ڪردار وسارڻ جوڳو نه آهي. هن انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان جي دوري تي پاڪستاني عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي دوري سان نوجوانن ۾ مثبت سرگرمي ڏسي سگهجي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فيفا ورلڊ ڪپ جا مئچز به ٿي رهيا آهن، پاڪستان جا نوجوان مثبت سرگرمين ۾ مشغول آهن. هن چيو ته وزيراعظم ڊپارٽمينٽل اسپورٽس به ٻيهر شروع ڪري ڇڏي آهي، جيڪو هڪ سٺو قدم آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ٽ??سٽ سيريز جي بحالي ۽ انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي دوري سان پاڪستان جا نوجوان ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ تي ڊگهي مدي وارا مثبت اثر پوندا. هن چيو ته ٽ??سٽ سيريز سان ٻين عالمي ڪرڪيٽ ٽي??ن جو به ڪرڪيٽ تي اعتماد وڌندو. هن چيو ته ڪرڪيٽ اسان جي ڪلچر جو حصو بڻجي چڪي آهي. پاڪستان جو هر ماڻهو ڪرڪيٽ سان دلچسپي رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ انگلينڊ جون بهترين ڪرڪيٽ ٽيمون آهن، تازو ئي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ به ٻنهي ٽيمن فائنل کيڏيو. هن چيو ته ڪرڪيٽ هڪ راند آهي، جيڪو سٺو کيڏندو اهو ئي کٽيندو. اهو ئي جذبو هجڻ گهرجي. هن ٻنهي ٽي??ن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته ٽ??سٽ سيريز پاڪستان جي عوام لاءِ باڪمال تفريح جا موقعا ثابت ٿيندي.