اسلام آباد – 27 – آڪٽ??بر (اي پي پي) وزيراعظم ??هباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ج?? عوام ڪشميرين جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي، دنيا کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي اکيون بند نه ڪرڻ گهرجن. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته 27 آڪٽ??بر جو ڏينهن ڪاري ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. 1947ع ۾ ان ڏينهن ڀا??ت ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني، غيراخلاقي ۽ زبردستي قبضو ڪيو هو، هي ڏينهن ڪشميرين جي بي مثال حوصلي ۽ بهادري جو واضح ثبوت آهي، جيڪو انهن گذريل 75 سالن دوران ڀارتي قابض فوج جو ڄمي مقابلو ڪري ڏيکاريو آهي. هن چيو ته اڄ پاڪستان?? عوام ڪشميرين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪري ٿي ۽ انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيهن جو عزم ڪري ٿي. دنيا کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي خلاف ورزين تي اکيون بند نه ڪرڻ گهرجن جيڪو هڪ وڏو فوجي علائقو بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته ڪشمير?? عوام جي آزادي جي خواهش کي وڌيڪ دير تائين دٻائي نه ٿو سگهجي.