ڪراچي- 17 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن لاءِ سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون جاري آهن. گذريل 48 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 51735 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا آهن. امدادي سرگر??ين بابت جاري ڪيل پريس بيان ۾ صوبائي وزير چيو ته بدين ۾ 1300 خاندانن ۾ راشن بيگس ورهايا ويا، اهڙي طرح دادو ۾ 4500، ڄامشورو ۾ 8400، سکر ۾ 2000، نوشه??وف??روز ۾ 19300، شهيد بينظير آباد ۾ 6785، شهيد بينظير آباد ۾ 6785 ,ميرپورخاص ۾ 3900، جيڪب آباد ۾ 1000 خاندانن، لاڙڪاڻي ۾ 1000، قمبر شهدادڪوٽ ۾ 1000، خيرپور ميرس ۾ 500 ۽ س??اول ۾ 2000 خاندانن کي راشن جا بيگس فراهم ڪيا ويا. مجموعي طور تي 1724399 خاندانن ۾ راشن جا ٿيلها ورهايا ويا آهن. هن چيو ته گذريل 48 ڪلاڪن جي رپورٽ موجب متاثرن ۾ 9000 وڌيڪ خيما ۽ 9000 مڇر دانيون پڻ ورهايون ويون آهن. امدادي سرگر??ين جي شروعات کان وٺي ھيئنر تائين 626597 خيما، 539922 پلاسٽڪ ترپال، 3272837 مڇر دانيون، 803496 ليٽر منرل واٽر، 162323 پڪل کاڌي جون ديڳيون ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو آهي، هن ٻڌايو ته گذريل 48 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 35100 متاثر ري??يف ڪيمپن مان پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا آهن. هن وقت ر??يف ڪيمپن ۾ 207458 ٻوڏ متاثر ترسيل آهن، جن ۾ 47220 ٻار ۽ 41455 عورتون شامل آهن، ري??يف ڪيمپن ۾ متاثرن کي ٻن وقتن جو پڪل کاڌو ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن جي واقعن ۾ 780 ڄڻا فوت ۽ 8422 زخمي ٿيا آهن.