اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف چيو آهي ته عمران خان زمين تي سڀ کان وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائيندڙ شخص آهي جيڪو اقتدار کان محروم ٿيڻ کانپوءِ معاشري ۾ نفرت جو زهر ڀري رهيو آهي، عمران خان جي ڪوڙ ۽ دوکيبازي تي ٻڌل پاليسين ملڪي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، گڏيل قومن جي جنرل ??سي??بلي جي اجلاس جي موقعي تي عالمي اڳواڻن جا عمران خان بابت خيال ٻڌي حيران رهجي ويس، هن دوست ملڪن ??ان لاڳاپن کي بنا سبب جي نقصان پهچايو، نومبر ۾ چين جو دورو ڪندس. برطانوي اخبار دي گارڊين کي انٽرويو ۾ وزيراعظم شهبا?? شريف چيو ته عمران خان پنهنجي ذاتي ايجنڊا جي لاءِ ڪرپشن جي خاتمي کي پنهنجو منشور بڻائي پيش ڪيو پر هو پاڪستاني تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ ناتجربيڪار، خود پسند، انا پرست ۽ ڪمزور سياستدان ثابت ٿيو. هن چيو ته ليڪ ٿيندڙ آڊيوز مان ان ڳالهه جي تصديق ٿئي ٿي ته عمران خان زمين تي سڀ کان وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائينڊڙ شخص آهي ۽ اها ڳالهه آئون خوشي ??ان نه چئي رهيو آهيان پر اهو ا??ان جي لاءِ شرمندگي ۽ ڳڻتي جو سبب آهي ڇو ته عمران خان جي ذاتي ايجنڊا ۽ مقصدن جي لاءِ ڳالهائي ويندڙ ڪوڙن ??ان ا??ان جي ملڪ جي تشخص کي نقصان پهتو آهي. وزيراعظم چيو ته عمران خان کي پنهنجي سمورن سوچيل سمجهيل ڏوهاري قدمن جي لاءِ جوابده ٿيڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته هو ان کان اڳ ڪڏهن ملڪ جي مستقبل جي حوالي ??ان پريشان نه هو، عمران خان معاشري ۾ ايتري نفرت ۽ زهر ڀري ڇڏيو آهي جيڪو ان کان اڳ ڪڏهن به نه هو، هو حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري ٿو ۽ معاشري ۾ نفرت پکيڙي ٿو. وزيراعظم پاڪستان جي ٻين ملڪن ??ان لاڳاپا ٻيهر قائم ڪرڻ جي حوالي ??ان پنهنجي ڪوششن جو ذڪر ڪندي چيو ته هو گڏيل قومن جي جنرل ??سي??بلي جي اجلاس جي موقعي تي ان وقت حيران رهجي ويو جڏهن ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن ان ??ان ملاقات دوران عمران خان جي رويي جو ذڪر ڪيو، ڪجهه اڳواڻن مون کي عمران خان جي شخصيت جي حوالي ??ان ذاتي طور تي آگاهه ڪيو ته هو (عمران خان) اڻوڻندڙ رويو رکندڙ، ڪوڙو ۽ خودپسند هو. شهبا?? شريف چيو ته عمران خان آمريڪا ??ان پاڪستان جي لاڳاپن کي بنا ڪنهن سبب نقصان پهچايو. هن واضح ڪيو ته هو پاڪستان جي چين ??ان ويجهي لاڳاپن کي ٻيهر بهتر بڻائيندو جن کي عمران خان پاران پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کي مبينا طور تي روڪڻ جي ڪري نقصان پهتو. وزيراعظم ان منصوبي کي جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته هو نومبر ۾ چين، جيڪو پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ آزمايل دوست آهي، جو دورو ڪندو. هن چيو ته سي پيڪ نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي جي بهتري لاءِ هڪ سٺو منصوبو آهي. وزيراعظم مسلم ليگ (ن) جي قائد نوا?? شريف ??ان حڪومتي معاملن ۾ مشاورت جي حوالي ??ان هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته نوا?? شريف ان جو ليڊر ۽ وڏو ڀاءُ آهي ۽ هو ان ??ان مشورو ڪندو آهي پر هن مون کي فيصلا ڪرڻ جي لاءِ مڪمل اختيار ڏنو آهي. خانداني سياست جي حوالي ??ان عمران خان جي تنقيد رد ڪندي هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته هي خانداني سياست جو معاملو نه آهي پر اها اهليت، عوامي حمايت ۽ عوام جو اعتماد کٽڻ جي ڳالهه آهي.