اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات کانپوءِ ڀارت جي قبضي هيٺ ڪشمير جي آئيني حيثيت تبديل ڪئي وئي، پاڪستان پهرين ڏينهن کان ئي ڊرون حملن جي خلاف هو، پرڏيهي پاليسي فرد واحد نه پر ملڪ ۽ عوام جي مفاد کي نظر ۾ رکي بڻائي ويندي آهي، ڀارت سان واپاري يا سفارتي لاڳاپن ۾ ڪنهن قسم جي ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي، پاڪستان ڀارت سميت سمورن ملڪن سان بهترين ??اڳاپن جو خواهشمند آهي، پرڏيهي پاليسي جو بنياد ملڪ ۽ عوام جو مفاد هوندو آهي، ٻين ??لڪن سان لاڳاپن جو بنياد تي ڪنهن ٽئين ??لڪ سان لاڳاپن تي ناهي هوندو. قومي اسيمبلي ۾ نور عالم خان ۽ فهميده مرزا پاران اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي حنا رباني کر چيو ته پاڪستان ??و ٻين ??لڪن سان لاڳاپن جو دارومدار ڪنهن ٽئين ??لڪ سان لاڳاپن تي نه آهي، ڊونلڊ ٽرمپ سان اڳوڻي وزيراعظم جي ملاقات کان واپسي تي سندس استقبال اهڙي طرح ڪيو ويو جهڙوڪ هو ورلڊ ڪپ کٽي آيو هجي، ان دوري کانپوءِ ڪشمير ۾ آئيني حيثيت تبديل ڪئي وئي، ڀارتي ڪميشن جي حد بندي جي رپورٽ تي ان وقت پاڪستان ڀارت?? سفارتڪار کي طلب ڪري احتجاج ڪيو ۽ مذمتي بيان جاري ڪيو. حنا رباني کر چيو ته دنيا جيڪڏهن انساني حقن جي خلاف ورزين جي خلاف اٿاريل آواز کي وڌيڪ ٻڌي ٿي ته اسان کي اهو ئي چئنل اختيار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڊرون حملن جي خلاف پاڪستان پهرين ڏينهن کان هو، پرڏيهي پاليسي ڪنهن جي ضد، انا نه پاڪستان جي مفادن کي نظر ۾ رکندي ٺاهي ويندي آهي. ٻاهرين ??لڪن ۾ روزگار لاءِ پنهنجي عوام لاءِ دروازا بند ڪرڻ، مختلف ملڪن سان لاڳاپن جي خرابي پرڏيهي پاليسي جي ناڪامي هوندي آهي، گذريل ح??ومتي دور ۾ اهو ڪيو ويو. آمريڪي عهديدار بلنڪن ڪال ڪئي ته اهو پاڪستان جي حق ۾ آهي، پاڪستان ۽ پاڪستانين جي مفاد لاءِ پرڏيهي پاليسي ڪيتري فائديمند ٿيندي آهي اها ڪامياب پرڏيهي پاليسي آهي. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته اسان جي پرڏيهي پاليسي ڪنهن ملڪ جي خلاف نه هجي، اسان جي پايلسي اينٽي ڀارت به نه هجڻ گهرجي، جي ايس پي پلس سان اسان جي روانگي واپار ۾ بهتري آئي، هن چيو ته ڀارت سان واپار يا لاڳاپن ۾ تبديلي جي حوالي سان پاليسي ۾ ڪا به تبديلي ناهي ٿي، هن واضح ڪيو ته پاڪستان ڪنهن ملڪ جو خوف سامهون رکي پنهنج?? سفارتڪاري يا پرڏيهي پاليسي نه جوڙيندو. گذريل ح??ومت پنهنج?? سفارتڪاري کي سياست لاءِ استعمال ڪيو، هو جيتري مرضي عوام کي اشتعال ڏياري اسان کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي قومي مفاد ۾ عوام جي مفاد ۾ جوڙڻي آهي، ان کان اڳ تحريڪ انصاف جي ميمبر نور عالم خان چيو ته پرڏيهي وزير ٻڌائي ته سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات جي دوري تي ڪهڙي ڳالهه ٿي، حڪومت ٻڌائي ته هن ٻين ??لڪن سان بهترين ??اڳاپن لاءِ ڪهڙو منصوبو ٺاهيو آهي، بجلي بحران جو حل ڪهڙو آهي، آمريڪي عملدارن سان ڪهڙي ڳالهه ٿي آهي، ان باري ۾ آگاهه ڪريو. ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ تمام گهڻي آهي، گذريل ح??ومت جيڪڏهن تيل نه خريد ڪيو ته اهي ٻڌائين ته هنن ڪهڙا قدم کنيا، کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي، ان ۾ گهٽتائي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا، اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته جمهوريت ۽ آئين ??اءِ مخالف ڌر اڳواڻ جو هجڻ ضروري آهي، حقيقي مخالف ڌر جي ڊي اي آهي، اسان سياسي ڇڪتاڻ ڏسي رهيا هئاسين، ملڪ ۾ معاشي بحران ڏسي رهيا هئاسين، بلاول ڀٽو زرداري کي شهباز شريف جي ڪابينا جو حصو بڻجڻ تي مبارڪباد ڏيون ٿا، هن چيو ته قرارداد بهترين ??دم هو تنهن هوندي به اپوزيشن کي به اعتماد ۾ وٺڻ گهربو هو، اسان کي مخالفت براءِ مخالفت ناهي ڪرڻي، هن چيو ته ڪشمير ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي ان جي لاءِ پارليامينٽ ۽ پارليامينٽ کان ٻاهر اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، اها صرف پاليسي بيان نه هجڻ گهرجي، گڏيل قومن ۾ به اها حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي، سنڌ ۾ به ايوان جي اندر ۽ ٻاهر پارٽين سان گڏجي باضابطه اخلاق بڻايو وڃي، چونڊ سڌارن ۾ سمورين ??ارٽين کي اعتماد ۾ ورتو وڃي.