اسلام آباد – 21 –; اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف افغانستان جي شهر مزار شريف جي مسجد ۾ ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي قيمتي انساني جانين جي ز??ان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب وزيراعظم چيو آهي ته پاڪستان سدائين کان پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ امن جو خواهشمند رهيو آهي.