اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف کي قطر جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني ٽيليفون ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب قطر جي امير وزيراعظم شهباز ش??يف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ پا??ستان قطر لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ پوري حمايت جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم شهباز ش??يف قطر جي امير جا ٿورا مڃيا. هن قطر پا??ستان لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو، خاص طور تي وزيراعظم پا??ستان ۽ قطر جي وچ ۾ معاشي سرگرمين کي وڌائڻ جي عزم کي ورجايو جنهن ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، مواصلات، فوڊ سيڪيورٽي ۽ ٻيا اهم شعبا شامل آهن. وزيراعظم سيڪيورٽي، صحت ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ پا??ستاني افرادي قوت جي ڀلائي لاءِ قطر جي قدمن کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم افغان امن عمل ۾ قطر جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان خواهش جو اظهار ڪيو ته ٻئي ملڪ افغان عوام جي لاءِ امن، استحڪام ۽ انساني امداد جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهن. وزيراعظم قطر جي امير کي جلد پا??ستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن ويجها گڏيل رابطا مضبوط ڪرڻ ۽ پا??ستان قطر لاڳاپن ۾ استحڪام ۽ وڌيڪ سگهه آڻڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.