اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اسلامي ترقياتي بئنڪ (آءِ ڊي بي) گروپ جي صدر ڊاڪٽر محمد الحبير چيو آهي ته افغانستا?? جي عوام جي امداد لاءِ اسلامي تعاون تنظيم ۽ امداد ڏيندڙ ملڪن ۽ ادارن کانسواءِ عالمي برادري جي ٺوس ڪوشش?? جي ضرورت آهي، پاڪستا?? جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستا?? جي عوام ۽ حڪومت کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن اها ڳالهه اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پرڏيهي وزير?? جي ڪائونسل جي اجلاس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي چئي. هن او آءِ سي ملڪ?? جي وچ ۾ واپار ۽ واپاري لنگه?? جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته اسلامي ملڪ?? جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي. اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر افغانستا?? جي لاءِ هيومنٽرين ٽرسٽ قائم ڪرڻ جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته اهو افغانستا?? جي عوام سان او آءِ سي پاران يڪجهتي جو اظهار آهي، ان فنڊ جي آپريشنل ٿيڻ سان افغانستان ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. اسا?? جي ڪوشش هوندي ته فنڊز جي ذريعي ملندڙ عطين ۽ امداد جو شفاف استعمال يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته افغانستا?? جي عوام جي امداد جو ڪم ڪو اڪيلو ادارو يا ملڪ اڪيلي طور نه ٿو ڪري سگهي، ان ڏس ۾ عالمي برادري کي افغان عوام جي مدد لاءِ اڳتي اچڻو پوندو، اسلامي ترقياتي بئنڪ گذريل ڊسمبر کان مسلسل ٻطرفي ترقياتي حصيدارن ۽ امداد ڏيندڙ ملڪن ۽ ادارن سان ان ڏس ۾ مشاورت ڪري رهي آهي. هن چيو ته افغانستا?? جي لاءِ هيومنٽرين ٽرسٽ فنڊ تحت افغانستا?? جي ڳوٺاڻن علائقن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو ڇو ته 75 سيڪڙو افغان ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهن ٿا. ڳوٺاڻن ۾ علائقن ۾ زرعي پيد??وا?? ۾ اضافي، ڇوڪري?? جي تعليم، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ بجلي ۽ ٻين بنيادي ضرورت?? جي فراهمي کي ترجيح ڏني ويندي. اهڙي طرح افغانستان ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امدادي ڪمن ۾ نجي شعبي جي شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پڻ قدم کني?? ويندا. اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر چيو ته افغانستا?? جي عوام جي امداد لاءِ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن، عالمي امدادي ۽ ترقياتي ادارن ۽ عالمي برادري کي اڳتي وڌڻو پوندو. اسلامي ترقياتي بئنڪ سمورن حصيدارن ۽ عالمي برادري سان گڏجي افغانستا?? جي عوام جي امداد لاءِ پرعزم آهي. هن افغانستا?? جي لاءِ هيومنٽرين ٽرسٽ فنڊ ۽ اسلامي ڪانفرنس تنظيم جي وزارتي اجلاس جي ميزباني تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا.