اسلام آباد – 05 8211; مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب اداڪار مسعود اختر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظها?? ڪيو آ??ي. ??طلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ چيو ته مسعود اختر جو لاڏاڻو فلم ۽ ٽي وي انڊسٽري جي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي، مرحوم جي فني خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. فرخ حبيب چيو ته مسعود اختر فلم ۽ ڊرامن ذريعي معاشري جي ??صلاح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ??سعود اختر جي مغفرت ۽ درجن جي ??لندي لاءِ دعاڳو آهيون.