اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ف??خ حبيب چيو آهي ته شهباز شري?? جي خلاف 16 ارب روپين جي ايف آءِ اي جي رمضان شگر ملز ملازمن جي ڪيس جي کليل ٻڌڻي لاءِ قومي اسيمبلي ۾ قرارداد جمع ڪرائينداسين، فرخ حبيب پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته شهباز شريف کي مخصوص نوڪر ۽ مسرور انور جي اڪائونٽس مان وڏي رقم جي منتقلي جو جواب ڏيڻ تائين اسيمبلي ۾ تقرير جو ڪو به حق نه آهي، هن چيو ته کي?? ٽڪي جي نه پر اربين روپين جي ڪرپشن جو حساب ??يڻ?? پوندو.