پشاور – 09 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان ٽيلي ويزن (پي ٽي وي) پشاور سينٽر جو دورو ڪيو ۽ ملازمن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي خاط??ي ڪرائي. ان موقعي تي فواد چوڌري چيو ته پي ٽي وي ماڻهن کي ملڪي ثقافت ۽ روايتن ??ان آگاهه ڪرڻ جو هڪ تاريخي ميڊيا آئوٽ ليٽ آهي، ان سلسلي ۾ ملازمن جي ڪوششن کي ??نهري لفظن ۾ ياد رکيو ويندو. هن چيو ته پي ٽي وي ورلڊ ۽ ريجنل سيڪشنز کي ??ه جلد ڊجيٽلائيز ڪيو ويندو. هن ملازمن کي ??اط??ي ڪرائي ته انهن جي پگهارن ۾ جلد اضافو ڪيو ويندو، ان موقعي تي وفاقي وزير پي ٽي وي سينٽر جي مختلف سيڪشنز جو دورو به ڪيو.