اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسڪردو ۾ عالمي هوائي اڏي جي تعمير سان هي علائقو هاڻي سردين جي راندين جو هڪ عالمي مرڪز بڻجي ويندو. وزيراعظم اها ڳالهه پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي آهي. وزيراعظم ٽوئيٽ سان گڏ اسڪردو شهر جون تصويرون به شيئر ڪي??ن آهن. وزيراعظم چيو ته رات ج?? آغوش ۾ اسڪردو جگمگائي ٿو ۽ اسان جون ٻارڙيون گلگ?? بلتستان ۾ برف تي هاڪي کيڏن ٿي??ن. هن چيو ته اسڪردو ۾ عالمي هوائي اڏي جي تعمير سان هي علائقو انشاءَ الله هاڻي سردين جي راندين جو هڪ عالمي مرڪز بڻجندو.