دبئي – 21 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و آهي ته فلاپ فلمون لنڊن وڃي ويهي رهيون آهن، نواز ??ري?? اينڊ ڪمپني جڏهن اقتدار ۾ هئي ته صرف انهن جون فلمون هلي رهيون هيون، اصل فلم طرف ڪنهن ڌيان نه ڏنو، رانا شميم جي حلفي بيان جي باري ۾ چارلس گوٿري به تصديق ڪئي آهي ته حلفي بيان نواز ??ري?? جي گهر تي صحيح ٿيو، اها ڳالهه هن هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و ته دبئي ۾ فلم فيسٽيول ۾ 11 پاڪستاني فلمون ڏيکاريون وينديون، يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستاني ان فيسٽيول ۾ پاڪستاني فلمون ڏسڻ اچن. هن چ??و ته پاڪستان جي فلم انڊسٽري بحال ٿي رهي آهي، ان کان اڳ صرف سياستدانن جا ڊراما ڏٺا ويندا هئا، نواز ??ري?? اينڊ ڪمپني جڏهن اقتدار ۾ هئي ته صرف انهن جون فلمون هلي رهيون هيون، اصل فلم جي طرف ڌيان نه ڏنو. فلاپ فلمون لنڊن ۾ وڃي ويهي رهيون آهن، هن چ??و ته رانا شميم جي حلفي بيان جي باري ۾ چارلس گوٿري به تصديق ڪئي آهي ته اهو بيان حلفي نواز ??ري?? جي گهر تي صحيح ٿيو، اهو گهڻو اهم معاملو آهي، شريف ف??ملي کي ان تي پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻ گهرجي. چوڌري فواد حسين چ??و ته اوو??سي?? پاڪستانين اسان جا سر جا تاج آهن ۽ يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستاني ان تاج جا هيرا آهن، وفاقي وزير چيو ته 15 لک پاڪستان يو اي اي ۾ رهن ٿا، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ انهن جو سڀني کان وڏو حصو آهي، هن چ??و ته روشن ڊجيٽل پاڪستان اڪائونٽ ۾ به سڀني کان وڌيڪ تعداد يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستانين جو آهي. وفاقي وزير چيو ته جهڙي طرح عمران خان ۽ اوو??سي?? پاڪستانين سان گڏ بيٺو آهي، اهڙي طرح اوو??سي?? پاڪستاني به عمران خان جي پويان بيٺل آهن، هي اهو ئي اتحاد آهي جيڪو پاڪستان کي اڳيان وٺي هلندو.