اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص صلاحڪار عثمان ڊار چيو آهي ته ڪامياب جوان پرو??را?? تحت 50 ارب رپين جا قرض ڏنا ويندا، جنهن سان 40 هزار نوان ڪاروبار شروع ٿيندا، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي حڪومت 3 سالن دوران نوجوانن کي 30 ارب رپين جا قرض ڏنا، مسلم ليگ (ن) پنهنجي 5 سال?? جي حڪومتي دور ۾ نوجوانن کي 26 ارب رپين جا قرض ڏنا آهن. ماضي جي حڪومتن نوجوانن ۽ راندي?? جي سرگرمين کي نظر انداز ڪيو، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو هاءِ ٽيڪ اسڪالرشپ ڏنيون ويون آهن، وزيراعظم عمران خان سڀ کان پهرين ماحولياتي تبديلي تي ڳالهه ڪئي، حڪومت 2023ع کي نوجوانن جو سال قرار ڏنو آهي ۽ سال 2022ع ۾ نوجوانن لاءِ سڄي ملڪ ۾ سرگرميون منعقد ڪرايون وينديون، يونيورسٽين ۾ صحتمند سرگرمين لاءِ يوٿ گرين موومينٽ ج?? شروعات ڪئي ويندي، ڪامياب جوان پرو??را?? تحت 18 کان 45 سال جي عمر جو هر شهري قرض لاءِ اپلاءِ ڪري سگهي ٿو. اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مون کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته سال 2021ع کان ڪامياب جوان پرو??را?? جا جيڪي منصوبا شروع ڪيا انهن جا سڀئي هدف حاصل ڪيا آهن، گذريل ٻن سالن ۾ ڪامياب جوان پرو??را?? تحت هاڻي تائين 30 ارب رپيا تقسيم ڪيا ويا ۽ 27 ارب 2021ع ۾ تقسيم ٿيا. سال 2020ع ۾ ڪورونا سبب هر طرف بندش هئي جنهن ڪري ڪامياب جوان قرض اسڪيم تي ڪم نه ٿي سگهيو. هن چيو ته پاڪستاني نوجوانن سان واعدو آهي ته هن سال 50 ارب رپيا ڪامياب جوان پرو??را?? تحت تقسيم ڪيا ويندا. هن چيو ته سال 2023ع نوجوانن جو سال ڊڪليئر ڪيو ويو آهي ۽ ڪامياب جوان پرو??را?? کان سواءِ نوجوانن جي معاملن واري وزارت ۽ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي هلندڙ سال نوجوانن لاءِ سڄي ملڪ ۾ سرگرميون منعقد ڪرايون وينديون ۽ اسا?? جي ڪوشش آهي ته 12 آگسٽ تي نوجوانن جي عالمي ڏينه?? جي موقعي تي پاڪستان کي ميزباني ملي ته جيئن پاڪستاني نوجوانن جو اميج سڄي دنيا آڏو رکي سگهون.