اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان رومانيا ??ان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر رومانيا جي سفير نيڪولي گويا ??ان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ ??ميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان رومانيا ??ان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. پاڪستان يورپي يونين ??ان گڏ اسٽريٽجڪ حصيداري تحت رومانيا سميت مختلف يورپي ملڪن ??ان گڏ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ ??و خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي استحڪام لاءِ پاڪستان ۽ رومانيا جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن ۽ وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو، پاڪستان ۾ مقرر رومانيا جي سفير نيڪولي گويا پاڪستان ۽ رومانيا جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريندي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪيو.