اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وچ ۾ واپار وڌائڻ لاءِ فعال قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? آهي ته پاڪستان ڪوريا ??ان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه ??ان ڏسي ٿو ۽ هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، معاشي ۽ عوامي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڏکڻ ڪوريا جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير نبيل منير ??ان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاق??ت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چي?? ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ماپو وڌائڻ لاءِ عملي قدمن جي ضرورت آهي، ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست ماحول جي ڪري پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ پُرڪشش مقام آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته نامزد سفير ڪورين سيڙپڪارن کي خصوصي اقتصادي زونز ۽ سي پيڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ متوجهه ڪري، ڪوريا ۽ پاڪستان ۾ مذهبي سياحت جي فروغ جا وسيع امڪان موجود آهن. صدر چي?? ته ڪوريا جي سياحن کي پاڪستان ۾ ٻڌمت جي تاريخي مذهبي ماڳن جو دورو ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻي پوندي، هن ڪوريا جي ايگزم بئنڪ پاران اسلام آباد ۾ آءِ ٽي پارڪ لاءِ 88 ملين ڊالر ڏيڻ ۽ ڪراچي ۾ سام سنگ جي موبائيل فونز مينوفيڪچر??گ يونٽ شروع ڪرڻ کي به ساراهيو. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني دوستي گروپ جي مٽاسٽا جي ضرورت تي به زور ڏنو، ان کانپوءِ الجزائر ۾ پاڪستان جي نامزد سفير ڊاڪٽر محمد طارق به صدر ??ان ملاق??ت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته پاڪستان ۽ الجزائر جي وچ ۾ گڏيل مذهب ۽ ثقافتي قدرن تي ٻڌل دوستاڻا لاڳاپا آهن، آءِ ٽي جي شعبي ۾ الجزائر ??ان لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت آهي، هن چي?? ته نامزد سفير الجزائر ??ان پارلياماني ۽ ايوان صنعت ۽ واپار جي وفدن جي مٽاسٽا جي فروغ لاءِ ڪم ڪري. صدر ان موقعي تي پاڪستان ۽ الجزائر جي وچ ۾ گڏيل ڪاروباري ڪائونسل قائم ڪرڻ جي تجويز به ڏني.