برسلز – 08 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان بي??جيم ۽ پاڪستان يورپي يونين حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪست??ن جي ايس پي پلس بابت گڏيل قومن جي 27 هين ڪنوينشن تي مڪمل عملدرآمد جي لاءِ پُرعزم آهي، افغانستان کي انساني بحران کان ڪڍڻ لاءِ عالمي تعاون تمام گهڻو ضروري آهي، اها ڳالهه هن برسلز ۾ بي??جيم جي پارليامينٽ سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن جي وفد سان ملاقات دوران ڪئي. ملاقات دوران پاڪست??ن جا بي??جيم ۽ يورپي يونين سان ٻطرفا لاڳاپا، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي اڳڀرائي سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن ج?? ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير پارليامينٽ جي ميمبرن کي يورپي يونين ۽ ??ن جي سڀني ميمبر ملڪن سان پاڪست??ن جي خوشگوار ۽ دوستاڻي لاڳاپن جي باري ۾ آگاهه ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ يورپي يونين جون 2019ع ۾ اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان (ايس اي پي) تي صحيحون ڪيون جنهن جي نتيجي ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ مدد ملي. پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ اهڙو ميڪنزم ۽ ڊائيلاگ فريم ورڪ موجود آهي جنهن جي ذريعي گڏيل دلچسپي جي سڀني معاملن تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي ويندي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته سيڙپڪاري واپار، ۽ اقتصادي تعاون، يورپي يونين ۽ بي??جيم سان پاڪست??ن جا ڊگها لاڳاپا هڪ اهم جز آهن. جي ايس پي پلس گڏيل طور تي اهڙو فائدي وارو قدم رهيو آهي جنهن پاڪستان ۽ يورپي يونين جي گڏيل واپار کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪست??ن جي ايس پي پلس بابت گڏيل قومن جي 27 هين ڪنوينشن تي مڪمل عملدرآمد لاءِ پُرعزم آهي، هن چيو ته ٻطرفي تعاون جي نون موقعن جي فراهمي ۾ پارليامينٽ جي موثر ڪردار جو ذڪر ڪندي پرڏيهي وزير پاڪستان بي??جيم ۽ پاڪستان يورپي يونين حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورتن تي زور ڏنو، پرڏيهي وزير وفد جي ميمبرن کي 15 آگسٽ کانپوءِ افغانستان مان غير ملڪي ماڻهن، سفارتڪارن، عالمي ادارن جي عملي ۽ ميڊيا جي نمائندن جي محفوظ طريقي سان ڪڍڻ ۾ پاڪست??ن جي اهم ڪردار جي باري ۾ آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ويجهو پاليسي هجڻ جي ناطي پاڪستان افغانستان ۾ معيشت جي بحالي ۽ ڊگهي امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان کي انساني بحران مان ڪڍڻ، پناهگيرن جي نئين لهر کي روڪڻ، افغانستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهه بڻجڻ کان بچائڻ، ۽ افغان پناهگيرن جي عزت ۽ وقار سان پنهنجي وطن واپسي جي راهه هموار ڪرڻ لاءِ، عالمي تعاون گهڻو ضروري آهي. پاڪستان عالمي برادري جو ڌيان افغانست??ن جي پوئتي پيل اقتصادي صورتحال ۽ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران ڏانهن ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ 19 ڊسمبر تي او اءِ سي جي پرڏيهي وزير ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي، پرڏيهي وزير يورپي پارليامينٽرينز کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پار??ن جاري، انساني حقن جي سنگين پائمالين کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير سان ملاقات لاءِ آيل بي??جيم پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ يورپي يونين جي ميمبرن پاڪست??ن جي بي??جيم ۽ يورپي يونين سان لاڳاپا وڌائڻ جي عزم ۽ علائقائي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ تي پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪيو. وفد افغانستان مان غير ملڪي ماڻهن جي محفوظ طريقي سان نڪرڻ، افغان عوام کي انساني امداد جي فراهمي لاءِ عالمي ڪوششن جي ڏس ۾ پاڪست??ن جي متحرڪ ۽ مثبت ڪردار کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۽ بي??جيم جي وچ ۾ پارلياماني رابطن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.